ابڙو اگھام

ابڙو اگھام: ملڪ جي ڪيترن سخين ۽ ڏاتارن ۾ پارڪر جو ڄام ابڙو به شامل آھي، جيڪو سماٽ قوم جي دل شاخ مان اگھام نک جو ھو، ابڙي اگھام جي رھائش پارڪر جي ”چوٽاڻ جي پٽ“ ۾ ھئي، جيڪو رھائش جي لحاظ کان بهترين علائقو ھو، انھيءَ دؤر ۾ پارڪر جو پٽ زرعي پيدائش جي لحاظ کان مشھور ھو، اوڀر کان ايندڙ ندين جون شاخون ھن پٽ کي سيراب ڪنديون رھيون ٿي. ٿر جي پارڪر واري حصي ۾ سخاوت ۽ ڏاتارپ ڄڻ ته اتان جو ورثو ھئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو